Mawadat Magazine sindhi سنڌي م

by Naveed Hussain Mutahari


Books & Reference

free



لڳ ڀڳ اپريل 2011 عيسوي جا ڏهاڙا هئا جو حوزه علميه قم المقدس ۾ زير تعليم سنڌ واسي ڪجھ طالبعلمن سچن سر...

Read more

لڳ ڀڳ اپريل 2011 عيسوي جا ڏهاڙا هئا جو حوزه علميه قم المقدس ۾ زير تعليم سنڌ واسي ڪجھ طالبعلمن سچن سرواڻن جي تعليمات کي نشر ڪرڻ لاء ڪو علمي قدم کڻڻ جو سوچيو. ان مقصد کي عملي صورت ڏيڻ جي ارداي سان تطهير فائونڊيشن پاڪستان جي نالي سان هڪ اداري جو بنياد رکيو ويو. جنهن جا اهداف ته تمام گهڻا آهن، پر پهريون قدم پنهنجي قوم جي خدمت ۾ اهل بيت عليهم السلام جي معرفت جا ڪجه انمول موتي پيش ڪرڻ لاء مودت نالي هڪ رسالي کي منظر عام تي آڻڻ هو ۽ ان نيڪي جي ڪم کي شروع ڪرڻ لاءِ سن 2011 عيسوي مطابق (1432 هجري) ۾ نبين جي سردار جي سردار نياڻي حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها جي مهيني جمادي الثاني کي نظر ۾ رکيو ويو ۽ سائڻ جي سلسلي ۾ هڪ خصوصي ايڊيشن سان علمي ۽ تربيتي رسالي جو آغاز ڪيو ويو ۽ الحمد لله هن وقت تائين پهرئين خصوصي ايڊيشن کان علاوه ترتيب وار سورهن رسالا شايع ٿي چڪا آهن.هن رسالي کي اها امتيازي حيثيت رهي آهي جو عمومي موضوعات تي مقاله نويسي کان علاوه، قرآن جي تفسير ۽ قرني قصا، تاريخ ۽ سيرت، عقائد، تعليمات نهج البلاغه، اسلامي تربیت، گهر ۽ معاشرو، علماء جي سوانح، عقائدي ۽ فقهي سوال ۽ جواب جهڙا ڪجهه مخصوص سيڪشن آهن جن تي مسلسل ترتيب وار مقالا شايع ٿيندا پيا اچن ۽ الحمد لله هيستائين تقريبا ٻه سؤ پنجويھ (225) جي تعداد ۾ مختلف موضوعات تي مقالا ڇپجي چڪا آهن. اداري جي سڀ کان پهرين ترجيح انهن مقالن کي موضوعاتي ترتيب مطابق ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي ۽ اپليڪيشن جي صورت ۾ منظر عام تي آڻڻ آهي.ياد رهي ته سال 2017 جي ڊسمبر مهيني ۾ مشهد مقدس ۾ ٿيندڙ طوبى انٽر نيشنل فيسٽيول ۾ مودت ميگزين ٽين پوزيشن ماڻي ايوارڊ به حاصل ڪري چڪو آهي. ان سلسلي ۾ ادارو ميگزين جي پوري بيئنچ ۽ اهل قلم جي تعاون جو دل جي گهراين سان شڪر گذار آهي جن جي خلوص ۽ محنتن جي طفيل مودت کي اهو اعزاز حاصل ٿيو.ايپليڪيشن جون اهم خاصيتون:1. تمام مضمون سنڌي زبان ۾ تحرير ٿيل آهن؛2. پهرئين خصوصي ايڊيشن کان علاوه، نائين شماري تائين جا مضمون شامل آهن؛3. هر مضمون کي تصويري ۽ آنلائن صورت ۾ پنهنجي اصلي پرنٽ ٿيل حالت ۾ رکيو ويو آهي؛4. تمام مضمون مستند انداز ۾ حوالن سان درج ٿيل آهن؛5. نائٽ موڊ جي سيٽنگ به موجود آهي.پيشڪش:تطهير فائونڊيشن سنڌ پاڪستانمدير ۽ ايڊيٽر : مولانا نويد حسين چنه چيف ايڊيٽر: مولانا نائب علي ڪميلي